پرسواڻي سلامت راءِ

پرسواڻي، سلامت راءِ: سلامت راءِ پرسواڻي، 24 جنوري 1929ع تي ڳوٺ چنا ۾ ڄائو، جيڪو ان وقت لاڙڪاڻي ضلعي ۾ هو. بعد ۾ دادو ۽ هاڻي ڄامشوري ضلعي جي تعلقي سيوهڻ ۾ آهي. هن ميٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان 1943ع ۾ پاس ڪيو، ۽ پوري ضلعي ۾ پهريون نمبر آيو. ان بعد وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي ويو، جتان ڊي جي سنڌ ڪاليج مان بي. اي جو امتحان پاس ڪيائين. ملڪ ۾ هلندڙ قومي تحريڪن کان متاثر ٿيو ۽ منجهس هندو برادريءَ جي حقن ۽ موقف جي پٺڀرائي ڪرڻ جو جذبو جاڳيو. ورهاڱي کان ڪجهه مهينا اڳ هن ڪراچيءَ جي شاهاڻي ڪاليج مان ايل. ايل. بي پاس ڪئي، ورهاڱي بعد ڀارت هليو ويو، جتي مزدور تحريڪ ۾ حصو ورتائين. هو سُٺو ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار رهيو آهي. هن 1963ع ۾ جيل مان ”پتني ڏانهن خط“ عنوان سان ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن محنت ڪش انسان جي شروعاتي دؤر کان وٺي تاريخ بيان ڪئي آهي ته ڪيئن انسان پورهيو ڪري، اڄ جي ترقي پسند دنيا جي پيڙهه وڌي. هن ڪتاب ۾ سولي نموني سنڌيءَ ۾ مارڪسواديت کي سمجهايو ويو آهي. هن ڪتاب تي سلامت راءِ پرسواڻي کي 14 نومبر 1977ع تي سوويت لينڊ اخبار پاران نهرو امن اوارڊ ڏنو ويو. ڪتاب جا ٻه ڇاپا اڳ ۾ ڇپجي چڪا هئا ۽ ان جو ٽيون ڇاپو مارچ 1977ع ۾ نارائڻ ڀارتي، ٽائيمس پبليڪيشن پاران ڇپائي پڌرو ڪيو. هنديءَ جي جڳ مشهور ليکڪ يشپال جي ڪتاب مارڪسواد کانپوءِ سلامت پرسواڻيءَ جي 1963ع ۾ ڇپيل هن ڪتاب کي ساڳي اهميت حاصل آهي. ان کانسواءِ جهڙي طرح جواهر لال نهروءَ پنهنجي ڪتاب ”پيءُ جا ڌيءُ ڏانهن خط“ ۾ دنيا جي تاريخ ڏني آهي، ساڳي طرح سلامت پرسواڻي ساڳيو طريقو اختيار ڪري، خطن ۾ محنت ڪش انسان جي تاريخ بيان ڪئي آهي. مشهور ڪهاڻيڪار موهن ڪلپنا هن ڪتاب تي راءِ ڏيندي لکيو آهي:
”هي ڪتاب منهنجي خيال ۾ الف- ب جهڙو درجو رکي ٿو.“
سلامت پرسواڻي، الهاس نگر جو ناميارو سنڌي وڪيل رهيو آهي. ان جي ڪارنامن ۾ اها ڳالهه به شامل آهي ته هن سنڌي تعليم جو درد رکندڙن سان گڏجي ”سنڌو ايڊيوڪيشن سوسائٽي“ الهاس نگر جو پايو وڌو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.01.24  عيسوي

سلامت راءِ پرسواڻي، 24 جنوري 1929ع تي ڳوٺ چنا ۾ ڄائو،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

استاد وريلداس
شهاب الدين خواجه
صاحب بن عبدالرحمان
جگجيت سنگهه
خير محمد پشوري
جواهر لال گنگاراماڻي
درويش سلطان ابراهيم شاهه
بهرام
خير شاهه 2
جلال الدين سنڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون